اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي قطر جو دورو ڪندو. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان ??ريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير چار يورپي ملڪن جرمني، ڊيمنارڪ، سوئيڊن ۽ ناروي جو دورو ڪري رهيو آهي، اهي دورا اسان جي حصيدارين سان ??اڪستان جي لاڳاپن ۽ سفارتڪاري کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ??ه اسان ??ناسب وقت تي انهن دورن بابت وڌيڪ تفصيل کان آگاهه ڪنداسين. ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان، نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير سان 15 آگسٽ تي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ولي عهد پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارتي پوليس رياستي دهشتگردي جو کلي عام مظاهرو ڪندي هڪ سياسي قيدي محمد علي حسين کي ??مو?? جي ڪوٽ بلوال جيل ۾ آڻي ٽوف ارينا جي علائقي ۾ هڪ فرضي جهڙپ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو، جيل کان ??ري محمد علي حسين جو پراسرار حالت ۾ قتل والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي هٿان جعلي مقابلن ۾ قيدين جي عدالت کان ??ٿانهين قتل جو هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو آهي. ترجمان چيو ??ه اهو ڪنهن قيدي جو اهڙي قسم جو ٻيو عدالت کان ??ٿانهون قتل آهي، ان کان اڳ راولاڪوٽ سان تعلق رکندڙ ضياءَ مصطفيٰ کي ??مو?? ڪوٽ بلوال جيل مان ڪڍي ڀارتي فوجين پونچ جي ٻيلن ۾ آڪٽوبر 2021ع ۾ فائرنگ ۾ شهيد ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ پري پول ڌانڌلي جي دانسته ڀارتي ڪوششن کي رد ڪري ٿو، والاريل علائقي جي عارضي رهواسين بشمول ٻاهرئين افرادي قوت ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي به بطور ووٽر رجسٽر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو تازو اعلان ??الاريل ڪشمير ۾ نام نهاد چونڊن جي نتيجن کي متاثر ڪرڻ جي ڀارتي ڪڌي منصوبي جو حصو آهي، ڪشميرين پاڻ به مودي حڪومت جي غيرڪشميري شهرين ۽ والاريل ڪشمير ۾ عارضي رهواسين کي نام نهاد ڪشمير اسيمبلي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان ??دم سان ??مو?? ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي نقصان ??هچائڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي جي خبر پوي ٿي. 2019ع ۾ خصوصي حيثيت جي خاتمي کانپوءِ ڀارت ۾ بي جي پي جي قيادت هيٺ حڪومت ??مو?? ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ناقابل بيان ظلم ڪيا آهن، ڀارتي قابض فوج جي هٿان 660 کان ??ڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هلندڙ سال 145 کان ??ڌيڪ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. ڳجهي ۽ سڌي سنئين غيرقانوني ڪاررواين ۾ ڪشميرين کي جعلي ڪيسن ۾ قتل ۽ گرفتار ڪرڻ کانسواءِ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ۽ انهن کي سرڪاري نوڪرين مان برطرفي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ بي رحماڻي پاليسي ?? شامل آهي. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان چيو ??ه اسان ??الاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي جذبي ۽ خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي ناقابل تسخير جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن جي انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ضمانت ڏني آهي، والاريل ڪشمير جي عوام وحشياڻي ڪاررواين آڏو مضبوط بيٺل آهي ۽ انهن آگسٽ 2019ع کانپوءِ بي جي پي حڪومت جي غيرقانوني قدمن کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت جي هندوتوا کان ??تاثر بي جي پي حڪومت کان تشدد فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ۽ ??مو?? ۽ ڪشمير جي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.