اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دو??ي تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اڱاري تي 2 ڏينهن (23 کان 24 آگسٽ) تي قطر جي دو??ي جي لاءِ اسلام آباد کان دو??ه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو دو??و ڪري رهيو آهي وزيراعظم جو قطر جو دو??و پاڪستان ۽ قطر جي ٻن طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علاقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي فروغ لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. عهدو سنبهالڻ ک??ن پوءِ وزيراعظم جي قطر جي پهرين دو??ي س??ن پاڪستان ۾ زراعت، قابل تجديد توانائي، هوابازي، انفرااسٽرڪچر، سياحت، لائف اسٽاڪ، روزمره استعمال جي برآمدي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطري سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. قطر جي دو??ي دو??ان وزيراعظم قطر جي امير ۽ قطر جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.