اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??سٽريٽ چلڊرن ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويند?? ٻارن کي باقاعده تعليم جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ انهن کي قيمتي انساني وسيلن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار انڊر 16 اسٽريٽ چلڊرن جي ٽيم ۽ مسلم هينڊز جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. اها ٽيم اسٽريٽ چلڊرن ورلڊ ڪپ قطر 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. صدر مسلم هينڊز پاران بي سهارا ٻارن جي مدد، انهن کي صحتمند ۽ تعميري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ، مناسب تربيت، تعليم، سماجي ۽ مواصلاتي مهارتن ۽ اعتماد سان گڏوگڏ فٽ بال ٽورنامينٽس ۾ عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جهڙن قدمن کي ساراهيو. هن ٽيم جي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته ??هڙا قدم هاڪي ۽ ڪٻڊي جهڙين ٻين راندين جي فروغ لاءِ پڻ کڻڻ گهرجن. صدر چيو ته ??يتوڻيڪ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي پر پٺتي پيل ٻارن کي صحتمند سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ سي??ٽر، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??ير مراعت يافته ٻارن کي تعليم، تربيت ۽ ضروري هنر جي ذريعي سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي ته ??يئن اهي پنهنجي پوري صلاحيت جو ادراڪ ڪري سگهن. صدر پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي هدايت ڪئي ته ??سٽريٽ چلڊرن کي ر??ندين جي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي ته ??يئن انهن جي ڪردارسازي ۽ اعتمادسازي سان گڏوگڏ تربيت جي ذريعي انهن کي عالمي معيار جا رانديگر بڻجڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان راندين سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي ۽ فٽ بال جي ر??ند به ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هڪ جهڙي مقبول آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اندين جو فروغ اسان جي نوجوانن کي ذهني دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي 60 سي??ڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. انهن کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز ۽ تربيت سان ليس هجڻ گهرجي ته ??يئن اهي ملڪ جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن. صدر پاڪستان فٽ بال فيڊريشن تي پڻ زور ڏنو ته ??ها ننڍن ننڍن اختلافن کي هڪ طرف رکندي ر??ند جي ترقي تي ڌيان ڏي. ان کان اڳ مسلم هينڊز برطانيا جي ڊائريڪٽر ??اج?? ارسلان نصرت صدر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ??ڄي ملڪ ۾ 15 کان وڌيڪ ڪميونٽيز ۾ 1000 کان وڌيڪ ٻار ”ٻارن جو راند جو حق“ جي نعري تحت راندين جي سرگرمين ۾ شريڪ آهن. هن ٻڌايو ته ??سٽريٽ چلڊرن تي ٻڌل فٽ بال ٽيم قطر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي. ان موقعي تي صدر قومي جهنڊو پڻ ٽيم جي ڪپتان کي ڏنو.