اسلام آباد – 12 – آڪ??وبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف 12، 13 آڪ??وبر 2022ع تي قازقستان جي گادي واري شه?? آستانه ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم 13 آڪ??وبر 2022ع تي سيڪا جي اجلاس کي خطاب ڪندو.