اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ قيم??ي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪارروائي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي واقعي ۾ قيم??ي جاني نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، قوم پنهنجي شه??دن تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شه??دن کي قوم سدائين ياد رکندي آهي. اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. صدر پوليس جي شه??دن کي خراج تحسين، پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شه??دن ??ي لاءِ در??ن جي بلندي ۽ وارثن ??ي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.