اسلام آبا??– 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سيوهڻ شريف جي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪ??ي ۽ انهن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ منهنجيون همدرديون حادثي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي پوئرن سان گڏ آهن، صد?? فوت ٿيندڙن جي بلند درجن ۽ پونئرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪ??ي آهي.