اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب پاران 3 ارب ڊالرن جي واپسي جي مدي ۾ واڌ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??عودي عرب جي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن چيو ته ??عودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا خاص طور تي ٿورا مڃون ٿا. شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان سان محبت جي سچي دل سان قدر ڪريون ٿا. هن چيو ته ??عودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان سان پنهنجي بي مثال محبت جو ثبوت ڏنو. وزيراعظم چيو ته ??عودي عرب جي قدم سان پاڪستان جي ??عا??ي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان جي ??عا??ي پاڻڀرائپ اولين قومي ايجنڊا آهي جنهن جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ ميثاق معيشت وقت جي ضرورت آهي.