نيويارڪ – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي صدر ساباڪوروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي قرارداد منظور ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي صدر ماحولياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي جي بحران، پائيدار ترقي جي هدفن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جن??ل اسيمبلي جي صدر گروپ آف 77 ۽ چين جي ڪامياب قيادت تي پاڪستان کي ساراهيو. گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي صدر پرڏيهي وزير کي مارچ 2023ع ۾ گڏيل قومن جي ايندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي جي صدر کي پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.