ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو خوش آئنده آهي، ابوظهبي چي??بر آف ڪامرس جي بورڊ ۾ پاڪستاني واپاري جي طور ميمبر موجودگي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار جو اعتراف آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي چي??بر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت چي??بر جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪري ر??يو هو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مواصلات وارووفاقي وزير مولانا اسعد محمود، وزيراعظم جا خاص معاونين اورنگزيب، طارق فاطمي ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته کيس يو اي اي جي هڪ اهم چي??بر آف ڪامرس جي وفد سان ملي خوشي ٿي. هن چي?? ته ابوظهبي چي??بر گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي. وزيراعظم چي?? ته چي??بر ۾ پاڪستاني ميمبرن مان هڪ واپاري جو بورڊ ميمبر بڻجڻ اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جيڪو ان حقيقت جو مظهر آهي ته پاڪستاني ڪميونٽي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??ي آهي، وزيراعظم چي?? ته گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ دانشمندي مختصر عرصي ۾ گڏيل عرب امارات کي اقتصادي ۽ سياحت جو مرڪز بڻايو آهي، پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چي?? ته اسان گڏيل عرب امارات کي پنهنجو پاڙيسري هجڻ جي ناطي هڪ اهم اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيدار سمجهون ٿا جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي ۽ گڏيل سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي صلاحيت رکي ٿو. وزيراعظم چي?? ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو ٿي?? آهي. وزيراعظم چي?? ته ٻنهي ملڪن جي چي??برز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان پاڪستاني چي??برز تي زور ڏينداسين ته اهي ابوظهبي چي??بر سان نوان رابطا قائم ڪن. وزيراعظم ابوظهبي چي??بر جي ميمبرن جي حوصلا افزائي ڪندي چي?? ته اهي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي بهترين موقعن جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪن. وزيراعظم چي?? ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ابوظهبي چي??بر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.