اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي ۾ ماحول دوست ۽ پائيدار تعميراتي طريقن کي اختيار ڪرڻ سميت توانائي ۽ ??حد??د قدرتي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته عمارتن ۽ گهرن جي تعمير جو بنيادي مقصد معاشري جي سمورن طبقن بشمول غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن کي باوقار ۽ سستي زندگي فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف آرڪيٽيڪٽس پاڪستان (آءِ اي پي) ايڪسپو 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آءِ اي پي چيئرمين سعد محمود خان، آءِ اي پي راولپنڊي/ اسلام آباد چيپٽر جي چيئرمين فواد سهيل ملڪ، آرڪيٽيڪٽس، گريجوئيٽس ۽ هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن انڊسٽري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ??در تعميراتي مواد جي نمائش 2023ع جو افتتاح ڪيو. ??در ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته فن تعمير جو نظم ۽ ضبط اهم آهي ڇو ته اهو تعميراتي صنعت کي بنياد فراهم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي معياري ۽ جمالياتي لحاظ کان خوشگوار رهائش فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته عمارتن کي ان بلٽ مڪينزم سان ڊيزائن ڪيو وڃي ته جيئن انهن کي معذور ماڻهن جي لاءِ دوستاڻو بڻائي سگهجي ۽ ان سان گڏوگڏ ڇتين کي ڀاڄين جي پوکيءَ ۽ هريالي جي خاطر استعمال جوڳو بڻايو وڃي، ان کانسواءِ گرين انرجي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سولر پينلز پڻ لڳايا وڃن. ??در چيو ته سرڪاري شعبي پاران تعميراتي ۽ ترقياتي سرگرميون معاشي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون جنهن سان صنعت جي ترقي ۽ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن مغل حڪمرانن ۽ شير شاهه سوري جا مثال پيش ڪيا جن رستن، عمارتن، يادگارن ۽ ٻين عوامي جاين جي تعمير ۾ عوام جو پئسو لڳايو جنهن ننڍي کنڊ جي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ??در چيو ته پلاٽن ۽ عمارتن جي خريداري ۾ وڏي پئماني تي سرمايو لڳائڻ جي رجحان ڪاروبار، واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ بدران ان جي گردش کي روڪيو ۽ ملڪ ۾ معاشي ۽ مالياتي سرگرمين کي سست ڪيو. هن چيو ته عمارتن ۽ گهرن جي تعمير جو بنيادي مقصد معاشري جي سمورن طبقن بشمول غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن کي باوقار ۽ سستي زندگي فراهم ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پلاٽن ۽ عمارتن جي خريداري ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڪاري ڌن جي استعمال جي ڇنڊڇاڻ ۽ ان جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ ڪاري ڌن جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ نظام کي به مضبوط ڪرڻ گهرجي. ??در ان ڳالهه تي حيرانگي جو اظهار ڪيو ته اٽڪل 13 ارب ڊالر جي پاڪستاني دولت کي بلاڪ ڪري سائبر ڪرنسي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي جنهن سان معيشت انتهائي ضروري ليڪويڊيٽي کان محروم ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاري ڌن کي معيشت ۾ آڻڻ جي لاءِ بار بار ايمنسٽي اسڪيمن جو اعلان ڪيو ويندو رهيو آ??ي پر اهڙين اسڪي??ن بدران دولتمندن تي ٽيڪس هڻڻ ۽ پوري غيررسمي معيشت کي رسمي معيشت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهجي. ??در چيو ته پاڻي هڪ قيمتي شيءَ آهي، پاڪستان کي موسمي نظام جي ذريعي وڏي مقدار ۾ پاڻي ملي ٿو جنهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي موثر استعمال جي ضرورت آهي. هن تجويز ڏني ته سمورين عمارتن کي برسات جي پاڻي کي استعمال ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڻي ذخيرن کي ري چارج ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڻي جي ??حد??د مقدار کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ جي اجازت ڏني وڃي جڏهن ته باقي پاڻي کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي. هن سمنڊ ۾ زهريلي ڪيميڪلز، آلودگي ۽ ڪچري جي اخراج کي روڪڻ جي لاءِ هر صنعت ۾ پاڻي صاف ڪرڻ ۽ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس هڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته ان سان آبي نباتات ۽ آبي مخلوق تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. ??در چيو ته پاڪستان ۾ سرڪاري زمين تي اڳ ۾ قبضا، ان تي غيرقانوني تعميرات ۽ بعد ۾ مختلف طريقن سان ريگيولرائيز ڪرڻ جو رجحان آهي. هن چيو ته ان غيرقانوني تعميرات جي روڪٿام لاءِ ان رجحان کي روڪڻ ۽ ان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. آرڪيٽيڪٽ سعد محمود خان ان موقعي تي چيو ته آءِ اي پي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪرڻ ۾ ڪافي سرگرم رهي آهي جنهن ۾ ڪانفرنسز، سمپوزيم، ورڪشاپس ۽ ليڪچرز کانسواءِ عالمي آرڪيٽيڪچرل نمائشون منعقد ڪرڻ پڻ شامل آهي ته جيئن حڪومتن ۽ عوام کي ماحوليات، آرڪيٽيڪچرل ايجوڪيشن، پائيدار عمارت جي طريقي، بلڊنگ بائي لاز ۽ سٽي پلاننگ جي مسئلن تي آگاهه ڪري سگهجي.