اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجگور، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ت?? دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪند?? دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورج??يو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو. هن دهشتگرد حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي خدمت?? ۽ ??لڪ جي لاءِ عظيم قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد اهلڪارن جي بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر پنجگور دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.