اسلام آباد– 19 – ??نوري (اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هن وقت سرڪاري دوري تي برسلز ۾ آهي، اهو دورو يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ سفير طور سندس دور جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڪج??ه ڏينهن دوران يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي اڳواڻن ۽ اعليٰ سطحي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئر سينيٽر ايليسيا ڪليز ۽ بيلجيئم جي فلينڊرس ريجن جي صدر جان جيمبون سان ملاقات ڪئي. هن يورپي ايڪسٽرنل سروس جي سيڪريٽري جنرل سانينو ۽ لڪسمبرگ جي پرڏيهي و??ارت ۾ سيڪريٽري جنرل اولنگر سان پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين جي سينيئر عهديدارن سان پڻ ملاقاتون ڪي??ن آهن جن ۾ يورپي ڪائونسل بابت چيف فارن پاليسي ايڊوائيزر جي صدر سائمن مورڊيو کانسواءِ يورپي ڪميشن جي صدر جي سفارتي صلاحڪار فرنينڊو گيماريس پڻ شامل آهن.