اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمر??ڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان آمر??ڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي ??ڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آمر??ڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي جنيوا ۾ تازو ئي منعقد ٿيندڙ ريزيليئنٽ پاڪستان ۾ عالمي ڪانفرنس سميت ٻ??ڏ کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ??وششن جي لاءِ آمر??ڪا جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان آمر??ڪا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. هن پاڪستان جي آمر??ڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منظم ۽ وسيع البنياد رابطا ٻطرفن ۽ علائقائي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي ??ڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي عمل جي حوالي سان اهم آهن. ان موقعي تي آمريڪي سفير چيو ته آمر??ڪا ٻ??ڏ کان بحالي سان گڏ??گڏ معاشي ترقي ۽ سڌارن جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ??وششن جي حمايت جاري رکندو.