اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حادثن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ن??صا??ن کان بچڻ جي لاءِ قانونن تي عملدرآمد کي لازمي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته توهان جو خيال ٿي سگهي ٿو ته ٽريفڪ ??ادثا ڪو اهم موضوع نه آهي پر جيڪڏهن اسان قانونن تي عمل نه ڪنداسين ته رستن تي موت جو شڪار ٿينداسين. صدر چيو ته سياست به ائين آهي، اسان جو آئين قاعدن جو مجموعو آهي. قانون ٽوڙيندڙن جي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهانا ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي آئين جو پابند بڻائڻ گهرجي.