اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته گوانتانامو بي حراستي مرڪز مان ٻن پاڪستاني شهرين کي آزاد ڪر?? وطن واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يا?? موجب ٻن پاڪستاني شهرين محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جيڪي گوانتانامو بي جي حراستي مرڪز ۾ قيد هئا، کي آزاد ڪر?? 24 فيبروري تي پاڪستان واپس موڪليو ويو آهي. ??يا?? موجب پرڏيهي وزارت محمد احمد رباني ۽ عبدالرحيم غلام رباني جي وطن واپسي کي آسان ب??ائڻ جي لاءِ هڪ وسيع انٽر ايجنسي جي عمل ۾ سهولت ف??اهم ڪئي. ترجمان چيو ته اسان کي خوشي آهي ته اهي پاڪستاني شهري آخرڪار پنهنجي خاندان سان مليا آهن.