اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم ش??باز شريف مرحوم وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي غيرمعمولي عوامي خدمتن تي کيس هلال ??متياز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا ڊويزن کي باضابطا طور تي سمري موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته مفتي عبدالشڪور درويش صفت انسان هو جنهن سادي زند??ي گذاري ۽ عوام جي مخلصاڻي خدمت ڪئي.