اسلام آباد – 01 ?? مئي (اي ??ي پي) پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سوڊان ۾ ڦاٿل وڌيڪ 93 پاڪستاني پي ڪي 754 جي ذريعي اسلام آباد ??نٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچي ويا، ان کان اڳ اتان 636 پاڪستانين کي ايئرفورس جي 5 خصوصي ڏامن ذريعي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي آندو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته الحمدالله سوڊان مان سمورن پاڪستانين (اٽڪل هڪ هزار) جي انخلا جو عمل ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران مڪمل ڪيو ويندو.