اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪست??ن چيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ??رج????ن چيو ته رمضان جي مقدس مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد رکڻ گهرجي. هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀار??ي عملدارن مذهبي آزادي تي ??ابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي ??ابض عملدارن ڪشميرين کي سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رمضان المبارڪ جي مقدس رات تي ??لهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي ??سجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي. ??رج????ن چيو ته اسان ڀار??ي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي ??نيل پابندين کي ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب ??ي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشم??ري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين.