اس??ام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، سولرائيزيشن ۽ نوجوانن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آه??، بجيٽ 24 – 2023ع حڪومتي ترجيحن جي عڪاسي ڪري ٿو، اقتصادي پاڻڀرائيپ حاصل ڪرڻ حڪومت جو بنيادي مقصد آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ماهر بجيٽ 24 – 2023ع جي مختلف رخن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ۽ تجزيا پيش ڪري رهيا آهن، اهڙي صورت ۾ آئون بجيٽ ۾ حڪومت جي واڌويجهه جي شرح وڌائڻ جي حوالي سان تجويز ڪ??ل خصوصي قدمن کي اجاگر ڪرڻ چاهينديس. هن چيو ??ه انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، شمسي توانائي تي منتقلي، نوجوانن جي ترقي ۽ ٻين شعبن جي ترقي جي لاءِ قدم تمام غور فڪر کانپوءِ تجويز ڪ??ا ويا آهن ۽ انهن جو مقصد هوشيار نوجوانن ۾ جدت پيدا ڪرڻ، ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪرڻ، زراعت جي پيداوار وڌائڻ ۽ زرعي صنعت ۾ سي??پڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. وزيراعظم چيو ??ه ان سان گڏوگڏ حڪومت توانائي حاصل ڪرڻ جي سستي ذريعن ۽ شمسي توانائي تي منتقلي جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سستي توانائي اقتصادي ترقي ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته روس کان خام تيل حاصل ڪرڻ به انرجي سي??يورٽي پلان جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته داخلي ۽ عالمي حالتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن جي باوجود بجيٽ 24 – 2023ع ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ??ه اهڙي صورت ۾ جڏهن ته معيشت ٻاهرئين صورتحال کان متاثر آهي، حڪومت اقتصادي پاڻڀرائپ تي ڌيان ڏئي رهي آهي.