اسلام آب??د ?? 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اهميت ۽ ڪاميابي جي لاءِ 6 نقاطي پروگرام جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، ع??لم?? وبا جي تدارڪ جي لاءِ ع??لم?? مالياتي ادارن ۽ جي – 20 ملڪن کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا جي معيشت سستي جو شڪار آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آر ۾ ڪنهن به مذهب جي توهين برداشت جوڳي نه آهي، ماحولياتي آلودگي جي خا??مي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن کي ع??لم?? حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن اهڙن خيالن جو ا??هار شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.