اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول جا جذباتي بيان منطق ۽ حقيقتن کان عاري آهن، مخالف ڌر کي چونڊن کانپوءِ پنهنجي شڪست ت??ليم نه ڪرڻ جي خ??اب روايت کي خ??م ڪرڻو پوندو، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اهڙا رويا جمهوري قدرن جي منافي آهن، جمهوريت جو ليڪچر ڏيندڙ جمهوري طرز عمل اختيار ڪن، هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏ??ڻ جا نعرا هڻندڙ گلگت بلتستان جي عوام جي ووٽ کي عزت ڏ??ڻ لاءِ تيار نه آهن.