فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليس ڪامپليڪس لا??لپور ٽائون، ڪشمير پل انڊر ??اس ۽ ڪيليگرافي جي نمائش جو افتتاح ڪيو، وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل منصوبن جو افتتاح هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ پُروقار تقريب دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پوليس ڪامپليڪس لا??لپور ٽائون فيصل آباد جي تعمير 145.246 ملي?? روپين جي لاڳت سان 20 جنوري 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن تي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو 31 ڊسمبر 2020ع تائين پڄاڻي تي پهچي ويندو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪشمير پل انڊر ??اس ڪينال روڊ فيصل آباد جو منصوبو 1280.209 ملي?? روپين جي لاڳت سان 20 مارچ 2018ع تي نيشنل لا??سٽڪ سيل جي ذريعي شروع ڪيو ويو جنهن جو 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ باقي ڪم 31 ڊسمبر 2020ع تائين مڪمل ڪري ان کي هر قسم جي ٽريفڪ لا??ِ کوليو ويندو، جنهن سان شهرين کي سگنل فري ڪينال روڊ کان ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي تائين پهچ ۾ انتهائي آساني ٿيندي، بعد ۾ وزيراعظم ??فت?? شان رحمت العالمين ﷺ جي سلسلي ۾ ملڪ جي مشهور مصورن محمد قمر سلطان ۽ نثار احمد جي ڪيليگرافي جي فن پارن جي نمائش جو به افتتاح ڪيو، ڪيليگرافي نمائش ۾ وڏي تعداد ۾ قرآني خطاطي سميت ٻين انتهائي نادر ۽ قيمتي فن پارا نمائش لا??ِ رکيا ويا.