اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. س??ي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 104 فوتگيون ٿيون جنه?? مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران س??ي ملڪ ۾ 3 هزار 256 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 68 سيڪڙو، لاهور ۾ 58 سيڪڙو، پ??اور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، صوابي ۾ 47 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 51 سيڪڙو، ملتان ۾ 60 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 771 ٽيسٽ ڪيا ويا ج?? مان سنڌ ۾ 14 هزار 41، پنجاب ۾ 16 هزار 51، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 198، اسلام آباد ۾ 2 هزار 814، بلوچستان ۾ هڪ هزار 521، گلگت بلتستان ۾ 342، آزاد ڪشمير ۾ 804 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 99 هزار 951 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشم??ر ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 567 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 371 آهي. س??ي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 86 هزار 184 آهي.