اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي انگ ۾ اضافو ??اهرئين ملڪ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر و??ير??عظم کي معاشي بحالي، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ تي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين هيستائين 2 لک چار هزار روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ کولرايا. هن ٻڌايو ته اڪائونٽس ج?? انگ ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل هڪ هزار اڪائونٽس ج?? اضافو ??ي ر??يو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ هيستائين ٻاهرئين ملڪ مان 2.3 ارب ڊالر موڪليا ويا آهن.