اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت خاص طور تي پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيف?? اينڊ انڊسٽريل ريسرچ (پي سي ايس آءِ آر) کي Hemp
جي پهرين فارم جي منصوبي جي افتتاح جي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته اهو اهم منصوبو اڳتي وڌ??و آهي، پاڪستان به اربين ڊالر جي هيمپ انڊسٽري جو اهم حصو بڻجڻ جي ويجهو آهي.