ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته قومي سڃا??پ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي ??اءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، بلوچستان ۾ عورتن کي قومي سڃا??پ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌل خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي آفيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي ??قرري کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اها ڳالهه هن نادرا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌل پهرين موبائيل رجسٽريشن وهيڪل جي افتتاح جي ??وقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نادرا بلوچستان جو ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خان، هلال احمر بلوچستان جو چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي آءِ بلوچستان عورت ونگ جي صدر زليخه مندوخيل، پي ٽي آءِ بلوچستان جو سيڪريٽري اطلاعات آصف ترين ۽ ٻيا پارٽي عهديدار ۽ نادرا عملدار پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته احساس پروگرام سميت تصد??ق ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ نادرا جي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي، نادرا وزيراعظم عمران خان جي ??يزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي ??راهمي جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.