اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي اپوزيشن وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ آهي، ڪا هڪ ڊويزن جي پ??رٽ?? آهي ته ڪا ٽن ڊويزنن جي، انهن جو نه ڪو ليڊر ۽ نه پروگرام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته انهن ماڻهن پاران ملڪ جي واحد وفاقي پ??رٽ?? جي خلاف ت??ريڪ خبرن ۾ زندهه رهڻ جي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. سندس چوڻ هو ته واحد قومي س??اسي پ??رٽ?? پاڪستان تحريڪ انصاف آهي جنهن جي ايجنڊا قومي ايجنڊا آهي.