اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته دنيا جو مستقبل انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي، يونيورسٽيون ملڪ جو سائبر دفاع مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌ??ان ڏين، ملڪ ۾ آءِ ٽي شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يوينورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته يونيورسٽيون آن لائين تعليمي مواد جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تحقيقي منصوبن ۾ عالمي يونيورسٽين سان حصيداري قائم ڪن. پرو ريڪٽر نسٽ ايئر وائيس مارشل ڊاڪٽر رضوان رياض صدر کي يونيورسٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نسٽ جي 8 ڪئمپسز ۾ 18 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعل??م هيٺ آهن. نسٽ انجنيئرنگ، آءِ ٽي، بائيو ۽ سوشل سائنسز ۾ تعليم مهيا ڪري رهي آهي. صدر معياري تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو.