اسلام آباد – 26 – نومبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پاڪس??ان ٽيليوزن، پي ٽي وي کي 57 هين سالگ??هه جي مبارڪباد ڏني آهي. پي ٽي وي جي 57 هين سالگ??هه جي مبارڪباد ڏيندي مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پي ٽي وي هڪ اهڙو قومي ادارو آهي جنهن کي پاڪس??ان ۾ ٽيلي ويزن جو ”اڳواڻ“ چيو ويندو آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ موجود ڪيترن ئي نجي ٽي ??ي چئنلز جي لاءِ شروعاتي افرادي قوت، ٽيڪينڪي صلاحيت ۽ پيشيوراڻي رهنمائي پاڪس??ان ٽيلي ويزن جي پروفيشنلز ئي فراهم ڪئي آهي.