اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آه?? ته بلاول اڄ جي ڏينهن مطالبو ڪري ها ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس ۽ ڦرلٽ ڪندڙن کي نشان عبرت بڻايو وڃي، ڪير وهم ۾ نه رهي، اسان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز هن ڌرتي کي دهشتگردي کان پ??ڪ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه??. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي ڪيو. اڄ اسان جو پيارو پاڪستان ان لاءِ مشڪل ۾ آه?? ته ماضي ۾ زرداري ۽ شريف فيملي ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو. فرخ حبيب چيو ته بلاول ڀٽو، سنڌ جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇو ڇڏيو آه??؟ مملڪتي ??زي?? چيو ته سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راڄ آه??، عوام انهن ڪرپٽ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو گهري رهي آه??. هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آه??، اڄ به 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1500 رپين کان به مهانگو ملي رهيو آه??. فرخ حبيب چيو ته 2023ع جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جو سنڌ ۾ به خاتمو ٿيڻ وڃي رهيو آه??. هن چيو ته بلاول صاحب، پنهنجي اين آر او سٽيل زرداري کي به سمجهايو ته اين آر او وٺڻ جي لاءِ ڪوششون بند ڪري. مملڪتي ??زي?? چيو ته بلاول ٻڌائي ته 13 سالن ۾ اهڙو ڪهڙو وڏو ڪم سنڌ جي عوام جي لاءِ ڪيو آه??؟