اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ايڪوٽورازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ ??ڪو??ت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ??ردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون هلندڙ سال جي وچ ڌاري منعقد ڪرڻ کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ جي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته ??ڪو??ت آزاد ڪشمير ، اترين علائقن ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي جي بي پناهه صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايڪو ٽور ازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ ??ڪو??ت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.