بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪارپوريشن جي چيئر??ين ڊاڪٽر سانگ هيليانگ ۽ پاور چائنا جي چيئر??ين ڊاڪٽر ڊنگ ين زانگ آن لائين ملاقات ڪئي. اها ملاقات پاڪستان جي تو??نا??ي جي شعبي بشمول قابل تجديد تو??نا??ي ۽ آبپاشي جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ بابت هئي. پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن آن لائين اجلاس ۾ شريڪ ٿي??.