اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندي، شهباز شريف چوي ٿو مون هڪ رپئي جي ڪرپشن ناهي ڪئي، هڪ نه پر اربين رپين جي ڪرپشن پڪڙي وئي آهي، 17 هزار ٽرانزيڪشنز پڪڙيون ويون آهن، مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽس مان 4 ارب رپيا نڪتا آهن، مقصود چپڙاسي جهڙا 14 ملازم وڌيڪ آهن جن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا آهن، هر شهري کي ??مضان شگر ملز جو ملازم بڻائي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن اهي ارب پتي ٿي وڃن، بلاول بينظير بدران آصف ز??داري جو مشن اڳتي وڌائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب اسلام آباد ۾ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ ڪي??. فر?? حبيب چيو ته شهباز شريف مختلف بهانن سان 9 ڀيرا التوا وٺي چڪو آهي، شهباز شريف ۽ آصف ز??داري جي ڪيسن ۾ دير انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي، انهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، انصاف ۾ دير انصاف جو قتل آهي. مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته 7 ارب جو ٽي ٽي جو ڪيس نيب ۾ هلي رهيو آهي، جڏهن ڪنهن طاقتور کي ??زا ملندي ته انصاف جو نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته فر?? جرم لاڳو ٿيڻي هجي ته نيون درخواستون داخل ٿي وڃن ٿيون، وڪيل تبديل ڪن ٿا، اهي سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر آهن، چوري ناهي ڪئي ته ثبوت عدالتن ۾ پيش ڪن، شهباز شريف بطور وڏي وزير حمزه ۽ سلمان شهباز کي کليل ڇوٽ ڏئي رکي هئي. مملڪتي وزير چيو ته اسان کان ساڍا 3 سالن جو حساب وٺندڙ سنڌ جو 15 سالن جو حساب ڏين. سنڌ ۾ ڦرلٽ جو بازار گرم، چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندي، سنڌ حقوق مارچ کي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي.