ماسڪو – 23 ??يب??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي م??ر پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزيراعظم سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي م??ر پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم عمران خان رو?? جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دو??و ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي جيڪو رو?? جو دو??و ڪري رهيو آهي. روس جي صدر پيو??ن ۽ وزيراعظم جي م??اقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دو??و ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري م??اقات ڪندا. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.