اس??ام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي قوم?? اسيمبلي ميمبر اقبال محمد عل?? خان جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ موجب مرحوم جي پٽ عماد محمد علي سان فون تي ڳالهائيندي وزيراعظم اقبال محمد علي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اقبال محمد علي هڪ شريف النفس، پڙهيل لکيل ۽ عوام دوست شخص هو، ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان توهان سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.