اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين سردار اخ??ر مينگل ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار اخ??ر مينگل وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي قدم ج?? آجيان ڪ??ي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچستان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر بلوچ افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي بلوچستان جي ترقي لاءِ قدم کڻي بلوچ نوجوانن جي قومي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائيندي.