اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عم??ان خان جي بيان کي آئين شڪني جي مٿان غنڊا گردي قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين جي گهرجن جي ڳالهه عم??ان صاحب جي سياسي منافقت آهي، اهي ڪئين دوکا ڏئي رهيا آ??ن؟ پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عم??ان نيازي قومي اسيمبلي ۾ آئين شڪني ۽ غنڊا گردي ڪري جيڪو شرمناڪ تماشو ڪيو، انهي کي پنجاب ۾ ورجايو ويو، هن چيو ته عم??ان نيازي ۽ سندس ڪٺ پتلين جي رويي جي ڪري عدالتن جا دروازا آڌي را?? جو کوليا ويا، رات جي انڌاري ۾ چورن وانگر هنن آئين ۽ پارليامينٽ تي راتاهو هنيو ته را?? جو عدالت لڳي. هن چيو ته عم??ان نيازي ڏينهن جي روشني ۾ آئين کي پائمال ڪندو آهي ۽ غنڊا گردي ڪندو آهي. وفاقي وزير چيو ته توهين عدالت جا مجرم عدالت کان نوٽيس وٺڻ جون اپيلون ڪهڙي منهن سان ڪري رهيا آ??ن؟ پهرين بوگس چونڊن سان ڏوهاري ڪٺ پتلي عم??ان نيازي پاڪستان تي مڙهيو ويو، پوءِ آئين شڪني ڪري ٻٽو آئيني جرم ڪيو. هن چيو ته عم??ان خان پاڪستان جي عوام جي دولت ڦري، باوقار آئيني عهدي کي فرح گوگي جي ذريعي مال بڻائڻ جو ذريعو بڻايو. عم??ان نيازي پنهنجي شيطاني ڪاري ڪردار کي ڏسي جنهن جي تاريخ سدائين مذمت ڪندي رهندي. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان جي حڪم تي آئيني عهدن جي توهين ڪئي وئي، صدر، گورنر، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر سڀني آئين پائمال ڪيو.