اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي آبادڪاري ج?? لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، اي?? ڊي ايم اي ۽ اين ايڇ اي جو متاثرين کي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحال?? لاءِ ڪردار س??را??ه جوڳو آهي، وڌيڪ برساتن جي امڪان جي ڏس ۾ پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائين. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پ??را?? جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ بوڏ سٽيلن جي بحالي تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري ريليف ۽ بحالي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مواصلات واري وزير مولانا اسعد محمود، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير شازيه مري، ريلوي ۽ هو??بازي واري وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي ڪشمي?? ۽ ??لگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، صوبائي اسيمبلي ميمبر ثناءُ الله بلوچ، اي?? ڊي ايم اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي امداد ۽ انفراسٽرڪچر جي بحال?? لاءِ جاري صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي ڪوششن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم متاثرين جي آبادڪاري ج?? لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪند?? لاڳاپيل عملدارن کي ان سلسلي ۾ سمورن وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم متاثر ماڻهن جي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي وقت سر بحالي کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ اي?? ڊي ايم اي ۽ اين ايڇ اي جي ڪردار کي س??را??يو ۽ انهن کي وڌيڪ برساتن جي امڪان جي ڏس ۾ پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.