اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان س??ال??وٽ سان تعلق رکندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پيش ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ مو??ود هو. وفد ۾ س??ال??وٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو چيئرمين خواجه مسعود اختر، س??ال??وٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر ميان عمران اڪبر، الغازي ٽريڪٽرز جو سي اي او ملڪ احتشام اڪرام ۽ ٻيا صنعتڪار ۽ واپاري شامل هئا. وفد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڏي رقم جو عطيو وزير??عظ?? کي پيش ڪيو. وفد پاران راشن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي صورت ۾ امدادي سامان پڻ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عطيو ڪيو ويو. وفد وزير??عظ?? کي ٻڌايو ته س??ال??وٽ جي واپاري برادري متاثر علائقن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ ٺاهي آهي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ گهرن جي تعمير جي لاءِ پڻ س??ال??وٽ جي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وزير??عظ?? وفد پاران عطيي کي ساراهيندي چيو ته هن آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر طبقي جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ خاص طور تي واپارين ۽ صنعتڪارن جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، قيمتي انساني جانين کانسواءِ ٻوڏ پاڻ سان گڏ فصلن، چوپائي مال ۽ مو??صلاتي انفراسٽرڪچر کي پڻ وهائي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ سٽيلن کي في خاندان 25 هزار رپيا انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ ان مد ۾ وفاقي حڪومت 70 ارب رپين جي رقم رکي آهي.