اسلام آب??د – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ب??وچستان صوبي جي ضلعي صحبت پور ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪندو. بلوچستان جو چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻوڏ جي تباهين، متاثرين جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر ج?? بحالي جي لاءِ جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏيندو. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو احوال ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظ?? صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.