ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان ملا??ات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملا??ات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملا??ات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.