نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي آسٽ??يا جي وفاقي چانسلر ڪارل نيهمر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير م??تا?? اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وزيراعظم جو خاص معاون ??ارق فاطمي پڻ موجود هو.