نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”??اس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي ??نتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اج??اس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اج??اس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي اي جي ??نعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي وا??ي وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير ملاقات دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور تي پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”??اس اينڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي ??جويز جي ??مايت ڪئي.