ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي بابر اياز جي لاڏاڻي تي مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو، سنڌ جو اطلاعات وارو نگران وزير محمد احمد شاهه به ساڻس گڏ هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرحوم بابر اياز جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ بابر اياز جي صحافتي خدمتن تي کيس خراج ع??يدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??ابر اياز هڪ مخلص، امن پسند ۽ جم??ور??ت پسند انسان هو. بابر اياز جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.