اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو آهي ته ??هڙي ڪا صورتحال نه هوندي ??نهن سان اليڪشن جي انتظامن ۽ انعقاد ۾ ڪو مسئلو درپيش اچي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهن جي زندگين کي خطرن تي الرٽس جاري ٿيندا آهن، لاڳاپيل ادارا حفاظتي قدم کڻي رهيا آهن، انهن الرٽس جو اليڪشن جي انعقاد سان ڪو ??علق نه آهي. هن چيو ته ??هڙا مسئلا ماضي ۾ به ايندا رهيا آهن، 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا وڌيڪ سنگين هئا، الله تي ڀروسو ۽ سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيتن تي اعتماد رکو، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال تي هن چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته ??هڙي ڪا صورتحال نه ٿيندي ??نهن سان اليڪشن جي انتظامن ۽ انعقاد ۾ ڪو مسئلو درپيش اچي.