اسلام آباد – 16 – فيبر??ري (اي پي پي) افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو سفير آصف دراني 18 ۽ 19 فيبر??ري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ افغانستان جي لاءِ خصوصي ايلچين جي اجلاس ۾ پاڪستا??ي وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران گهرا??و ويو آهي ته جيئن افغانستان سان عالمي مشغوليت جي طريقن تي وڌيڪ ٺوس ۽ منظم انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت عالمي برادري سان فعال ??ور شامل ٿيڻ جي اسان جي ڪوششن جو حصو آهي.