ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)عام چونڊون 2024ع ??اء?? سنڌ صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي 61 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن تي(اڄ )خميس 08 فيبروري تي چونڊ ٿي رهي آهي. ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي 61 جنرل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن ??اء?? گڏيل طور 1130 اميدوار حصو وٺي رهيا ??هن جن ۾ 1048 مرد اميدوار ۽ 82 عورت اميدوار شامل آهن، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 130 جنرل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن ??اء?? 2795 اميدوارن ۾ مقابلو آهي. جن ۾ 2644 مرد اميدوار ۽ 151 عورت اميدوار شامل آهن. ان حوالي سان سنڌ صوبي ۾ ڪل 19906 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.جن ۾ مردن ??اء?? 4443 ۽ عورتن ??اء?? 4313 پولنگ اسٽيشنز جڏهن ته 10250 گڏيل پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 6524 پولنگ اسٽيشنن کي ا??تهائي حساس، 6545 کي حساس ۽ 5937 کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ صوبي ۾ ڪل 2 ڪروڙ 69 لک 94 هزار 7 سئو 69 ووٽر ??هن جن ۾ مرد ۽ عورت ووٽرن جو انگ ترتيبوار 14612655 ۽ 12382114 آهي. پولنگ جو عم?? صبح 8 وڳي کان پرامن ماحول ۾ جاري آهي جيڪو شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. ان سلسلي ۾ صوبائي ا??يڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله ضلعي رٽرننگ آفيسرن، پوليس ۽ انتظاميه سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي شفاف، منصفاڻيون ۽ اڻڌريون چونڊون منعقد ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته چونڊن کي پر امن طريقي سان منعقد ڪرڻ ??اء?? سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ ان ڏينهن کي ڪاميابيءَ سان انجام تي پهچايو وڃي. هن عوام کي ا??يل ڪئي ته بنا ڪنهن خوف جي ووٽ ڏئي پنهنجو قومي فرض ادا ڪن.