لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتري??َ لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽيڪ) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي ??ادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي ??يل طبقي جي ترقي??َ لاءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ??نرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتري??َ لاءِ روايتي بجاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي لاءِ پوندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معياري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت هر ممڪن وس??لا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان ر??ڊ ميپ تي عمل ڪري تعليم جي بهتري??َ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي ??يو ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.