اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏيندي پاڪستان ۽ گڏي?? عرب امارات جي وچ ۾ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏي?? عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم گڏي?? عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي ان بلند حوصلي، مضبوط عزم ۽ بي مثال ڪارڪردگي کي ??ار??هيو جنهن سان هن تازين برساتن سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪيو. هن گ??ي?? عرب امارات جي صدر کي ??ار??هيو جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي شاندار قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ۽ اماراتي عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ به ڪجهه ڏينهن ۾ وڏيون برساتون پيُون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدمن تي زور ڏنو ۽ تجويز ڏني ته ٻئي ملڪ ان شعبي ۾ پنهنجي تعاون کي مضبوط ڪن. گڏي?? عرب امارات جي صدر وزيراعظم جي نيڪ خواهشن کي ??ار??هيندي پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.