ايبٽ آباد – 25 – اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ايبٽ آباد ۾ شهيد ڪسٽم?? انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ شهيد جي والد ۽ ٻارن ??ان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار مح??د يوسف، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم شهيد جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پيار ڪيو ۽ انهن ??ان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي والد کي گلي لڳائي حوصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ شهيد پئڪيج تحت شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ امدادي چيڪ کيس پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها امدادي رقم توهان جي شهيد پٽ جي عظيم قرباني جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ حڪومت جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ڪندي، انهن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪومت برداشت ڪندي.